وزيراعظم شهباز شريف جو ملائيشين هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفوني رابطو ٿيو، جنهن دوران هن افغانستان مان سرحد پار ٿيندڙ دهشتگردي جي معاملي تي کيس اعتماد ۾ ورتو۔
وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي مسلسل افغان سرزمين تان سرحد پار دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ۽ پاڪستان، افغان اختيارين جي درخواست تي دوحه ۾ ڳالهين لاءِ عارضي جنگبندي تي آمادگي ظاهر ڪئي آهي۔
وزيراعظم چيو ته افغان اختيارين کي گهرجي ته پاڪستان تي حملا ڪندڙ دهشتگرد گروپن خلاف فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪن۔
هن چيو ته سرحدي علائقن ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سڀني دهشتگرد تنظيمُن خلاف عملي ۽ مضبوط قدم کڻڻ لازمي آهن؛ فتنۀ الخوارج، فتنۀ الهند، ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي خلاف اثرائتي ڪارروائي ضروري آهي۔
ان موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم خطي ۾ وڌندڙ تڪرار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي۔
ان کان علاوه، ٻنهي وزيراعظمن رابطو جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو۔




