رانديون

January 11, 2022 1:18 pm

شعيب ملڪ لاهور ۾ پنهنجو ريسٽورينٽ کولي ورتو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر رانديگر شعيب ملڪ لاهور ۾ پنهنجو ريسٽورينٽ کولي ورتو آهي.

شيعب ملڪ رسٽورينٽ دي رائس بائول جي افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان جي نالي وارن ڪرڪيٽرز شرڪت ڪئي.

گلوڪار ۽ اداڪار عاطم اسلم افتتاح واري موقعي تي اچانڪ پهچي سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.

شعيب ملڪ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عاطم اسلم جو اوچتو اچڻ هڪ خوشگوار سرپراز هو.

اڳوڻي بالنگ ڪوچ وقاريونس، شان مسعود، وهاب رياض، حسن علي شعيب ملڪ جي ريسٽورينٽ لاءِ نيڪ خوائشن جو اظهار ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: