سنڌ

December 6, 2021 1:12 pm

شاگردياڻي جي لاش ڀرسان مليل خط ۾ لکيل اکر نوشين شاهه جا هئڻ جي تصديق

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي گرلز هاسٽل ۾ شاگردياڻي جي لاش ڀرسان مليل خط جي فارنزڪ رپورٽ ۾ اکر نوشين شاهه جا هئڻ جي تصديق ڪئي آهي،

وارثن چيو آهي ته نوشين شاهه آپگهات نٿي ڪري سگهي، جاچ هيل تائين ڪنهن به نتيجي تي نه پهتي.

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل جي ڪمري ۾ شاگردياڻي نوشين شاهه جي پراسرار موت جي جاچ جو سلسلو هلندڙ آهي.

ڪراچي جي فارنزڪ سائنسز ليبارٽري جي رپورٽ اچي وئي آهي، جنهن شاگردياڻي جي لاش ڀرسان مليل خط ۾ لکيل اکر نوشين شاهه جا هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

فارنزڪ رپورٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوشين شاهه جي

ڪنهن جو دٻاءُ ناهي، مرضي سان انتهائي قدم کڻڻ وڃي رهي آهيان،

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان ڦاهي ۾ ٽنگيل شاگردياڻي جي لاش وٽان مليل خط ۾ هينڊ رائيٽنگ نوشين شاهه جي ئي آهي،

فارينزڪ رپورٽ ۾ تصديق ٿي وئي، ڪاليج انتظاميا واقعي کي آپگهات قرار ڏنو هو،

وارثن چيو آهي ته نوشين شاهه آپگهات نٿي ڪري سگهي، کيس قتل ڪيو ويو آهي، پوليس هيل تائين معاملي جي جاچ ۾ رڌل،

شاگردياڻي آپگهات ڪيو يا کيس قتل ڪيو ويو، جاچ هيل تائين ڪنهن به نتيجي تي نه پهتي..

وڌيڪ پڙهو: