ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ضمانت واري درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪئي وئي.
ميڊيا رپورٽن مطابق ، ممبئي سيشن ڪورٽ ڪروز شپ منشيات ڪيس ۾ جوابدار آريان خان ، ارباز مرچنٽ ۽ منموهن ڌميچا جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽن مطابق آريان خان ضمانت تي آزاد نه ٿي سگهيو جنهن سبب کيس ڪجهه وڌيڪ وقت جيل ۾ گذارڻو پوندو.
ڀارتي ميڊيا موجب ، آرين خان جي وڪيل هاڻي ضمانت لاءِ ممبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.