سنڌ

November 13, 2021 5:55 pm

سکر: جعلي ڪورونا ويڪسين ٺاهڻ وارا ٽي سرڪاري ملازم گرفتار

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائيبر ڪرائيم ونگ سکر ۾ ڪارروائي ڪندي ٽن هزار رپين ۾ ڪورونا سرٽيفڪيٽ ٺاهڻ واري ٽن سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايڊيشنل ڊاريڪٽر سائبر ڪرائيم عمران رياض موجب بنا ڊوز لڳائڻ جي جعلي انٽريون ڪري ٽن هزار رپين ۾ سرٽيفڪيٽ ٺاهيندڙ ٽن سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عمران رياض موجب جوابدار بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ ڊرائيور، مالهي ۽ چوڪيدار آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: