پاڪستان

تازه خبرون

November 16, 2021 4:43 pm

سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان معذرت ڪري ورتي

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان معذرت ڪري ورتي آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ اداري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف نازيبا لفظن ۽ الزامن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو.

فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته مان پاڻ وڪيل آهيان، شو ڪاز نوٽيس ۾ ملوث ٿيڻ نه ٿو چاهيان، ان موقعي تي فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته مان پاڻ وڪيل آهيان.

وفاقي وزير چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي ذاتي عزت آهي، مان ڪابينا جو وائيٽ پيس آهيان، اڪثر اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهيان، جيڪي منهنجا لفظ ناهن.

هن چيو ته مون ڪنهن جي به بي عزتي ناهي ڪئي، معافي گهران ٿو.

وفاقي وزير جي معافي تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن چيو ته اوهان جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيو اهو لکت ۾ جمع ڪرايو.

ان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته هو اڄ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو، هن چيو ته هو ادارن جو احترام ڪري ٿو، انهن خلاف نه ٿو ڳالهائي.

هن چيو ته مان اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان جيڪا ڳالهه ڪري رهيو آهيان اها ڪابينا جي پاليسي آهي، اسان ججن ۽ ادارن جو احترام ڪري اڳتي وڌڻ تي يقين رکون ٿا، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن مثبت رويو اختيار ڪندي جنهن مان اڳتي وڌي سگهون ٿا.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن اداري تي الزامن تي وفاقي وزير اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري کي نوٽيس جاري ڪيا هئا.

وڌيڪ پڙهو: