پاڪستان

January 5, 2022 1:22 pm

سپريم ڪورٽ ڪينٽ بورڊز جي نجي اسڪولن کي سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ڪينٽ بورڊز جي نجي اسڪولن کي سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

چيف جسٽس  گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ ڪينٽ بورڊز جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ  سموري ملڪ جي ڪينٽومينٽ  بورڊز  کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

وڪيل قلب حسين عدالت کي ٻڌايو ته ڪينٽ بورڊز  ۾ 8 هزار 300 نجي اسڪولز ۽ 37 لک  ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته اسڪولن کي سيل ڪيو پيو وڃي،اهڙي صورتحال ۾ ٻار ڪيڏانهن وڃن.

وڪيل جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ  نجي اسڪولز کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو  ڏنو هو.

والدين جي وڪيل  حامد خان عدالت کي ٻڌايو ته اصل  ڪيس ته رهائشي پلاٽ تي اسڪول قائم ڪرڻ جو هو،

هڪ سول ڪيس ۾ موقف ٻڌڻ کانسواءِ سخت حڪم جاري ڪيو ويو،

عدالت ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو..

وڌيڪ پڙهو: