پاڪستان

December 17, 2021 12:46 pm

سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي برطرف ڪيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي صوابديدي اختيار جي بنياد تي بحال ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي برطرف ڪيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي صوابديدي اختيار جي بنياد تي بحال ڪري ڇڏيو،

عدالت نظرثاني جون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

عدالت وفاقي حڪومت جي تجويزن کي تسليم ڪري ورتو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو ته بحالي وارو قانون 2010ع آئين خلاف آھي پر سپريم ڪورٽ عوامي مفادن جي اختيار کي استعمال ڪندي ملازمن جي بحالي جو فيصلو ڏئي رھي آھي.

عدالت حڪم ۾ ڄاڻايو ته  گريڊ ھڪ کان ستين تائين سمورن ملازمن کي بحال سمجهيو وڃي،جڏهن ته اٺين گريڊ کان سترھين گريڊ تائين جي ملازمن کي عهدن تي واپس اچڻ لاءِ ٽيسٽ جي مرحلي مان گذرڻو پوندو.

جسٽس عمر عطا بنديال فيصلو پڙهي ٻڌايو ته جيڪي ملازم ڪرپشن يا مس ڪنڊڪٽ جي بنياد تي برطرف آھن، اهي بحال نه ٿيندا.

سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي پنجن مان چئن ججز  ملازمن جي بحالي جي اپيلن کي رد ڪيون، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه  اپيلون رد ڪرڻ سان اختلاف ڪيو.

سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته ڀرتي وقت ٽيسٽ  لازمي جي شرط کي فلو ڪيو ويندو،جن ملازمن ڀرتين وقت ٽيسٽ نه ڏني،اهي هاڻ ڏيندا.

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه  اختلافي نوٽ ۾ ڄاڻايو ته پارلياماني نظام حڪومت ۾ پارليامينٽ سپريم آھي، ايڪٽ آف پارليامينٽ جي شق چار آئين سان ٽڪراءَ ۾ آھي.

هن چيو ته پارليامينٽ کي ھيٺانھون ڏيکارڻ جمھوريت کي ھيٺانھون ڏيکارڻ برابر آھي، قانون جي شق چار ۽ سيڪشن ڏھ آئين جي خلاف آھن، انھن جو جائزو ورتو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: