top_news

پاڪستان

April 3, 2022 6:45 pm

سپريم ڪورٽ موجوده صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ موجوده صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو،

پاڪستان  جي رياستي ادارن جي عملدارن کي غير آئيني قدم کڻڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الحق ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي جماعتون پرامن رهن، آئين کان مٿانهون قدم نه کنيو وڃي.

سپريم ڪورٽ، سپريم ڪورٽ بار ۽ سياسي پارٽين کي پاڻمرادو نوٽيس ۾ ڌر بڻائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ججن کي صورتحال جي خبر آهي، وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.

جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته رمضان شريف آهي، هو ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ نٿا چاهين.

عدالت مختصر حڪم ۾اٽارني جنرل، وفاقي گهرو ۽ بچاءَ واري سيڪريٽريز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

وڌيڪ پڙهو: