اهم خبرون

پاڪستان

August 6, 2022 6:04 pm

سيشن ڪورٽ عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري فيصلي تي پابندي لڳائي ڇڏي

ڪراچي جي سيشن ڪورٽ ايسٽ عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سيشن جج شرقي جي عدالت ۾ عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري فيصلي خلاف داخل اپيل جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت درخواستگذار جي وڪيل ضياءَ اعواڻ جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت درخواستگذار عبدالاحد ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي کي نوٽيس جاري ڪندي 11 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري بشرا اقبال چيو ته دانيه شاهه کي طلاق ٿي وئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: