پاڪستان

December 6, 2021 12:21 pm

سيالڪوٽ ۾ بيدردي سان قتل ڪيل سريلنڪن شهري جو مڙهه لاهور ايئرپورٽ تي پهچايو ويو

سيالڪوٽ ۾ توهين مذهب جو الزام هڻي بيدردي سان قتل ڪيل سريلنڪن شهري جو مڙهه ڪولمبو اماڻيو ويو،

سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ مان مطئمن آهيون، پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا متاثر نه ٿيندا.

لاهور ايئرپورٽ تي سريلنڪن شهري پرانٿا جو لاش ڪولمبو اماڻيو ويو،

ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص معاون طاهر اشرفي، صوبائي وزير ۽ پرڏيهي وزارت جا اعليٰ عملدار موجود هئا.

سريلنڪن شهري جو لاش خصوصي اڏام ذريعي ڪولمبو نيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر موهن وجي چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا دوست آهن ۽ دوست ئي رهندا،

يقين ڏياريان ٿو ته واقعي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا متاثر نه ٿيندا.

سريلنڪن هاءِڪمشنر چيو ته سيالڪوٽ واقعو افسوسناڪ آهي، ان تي پاڪستاني حڪومت تعاون فراهم ڪيو،

حڪومت پاران کنيل قدمن مان خوش آهيون،  اهڙي قدم کنيا وڃن، جنهن مان مقتول جي خاندان کي انصاف ملي..

وڌيڪ پڙهو: