پاڪستان

December 23, 2021 3:39 pm

سيالڪوٽ واقعي تي شرمسار آهيون : گهرو وزير شيخ رشيد

گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي تي شرمسار آهيون، ٻاهران ماڻهو اچي اسلام آباد ۾ ڌاڙي جون وارداتون ڪن ٿا،

مسيحي ملازمن کي مستقل ڪنداسين، مسيحي ڪالوني تعمير ڪرائينداسين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  شيخ رشيد چيو ته جن مسيحي ملازمن کي 25 ڊسمبر تائين پگهار نه ملي، اهي مون سان رابطو ڪن.

هن چيو ته اسلام آباد جي رهواسين وٽ پئسا وڌيڪ آهن، غريب کي ڏيڻ لاءِ دل گردو گهرجي،گهرو وزير چيو ته 25 ۽ 26 ڊسمبر تي موڪل آهي،

وڌيڪ موڪلون ڏئي نٿا سگهون، سمورن مذهبي عالمن جا نالا احترام سان وٺڻ منهنجي تربيت جو حصو آهي..

وڌيڪ پڙهو: