سنڌ

October 21, 2021 5:11 pm

سياري دوران عوام کي گئس جي حوالي سان تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو: عمران اسماعيل

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سياري ۾ عوام کي گئس جي حوالي سان تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد تقريب کي خطاب دوران عمران اسماعيل چيو ته گرين لائن بس منصوبو ڪورونا سبب دير جو شڪار ٿيو. خواهش آهي ته اورنج لائن به جلد مڪمل ٿئي پرامڪان آهي ته اهو به مقرر وقت تي مڪمل نه ٿي سگهي. اورنج لائن جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس. سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۾ گئس جا ذخيرا گهٽ ٿي رهيا آهن. سياري ۾ عوام کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو. هي وقتي تڪليف آهي ڇو ته گيس جا شپمنٽس اچي رهيا آهن ان لاءِ وڌيڪ مسئلو نه ٿيندو.

عمران اسماعيل چيو ته ڪوشش آهي ته غريب طبقي کي مهانگائي کان رليف ڏنو وڃي. ريليف پاليسي ٺاهي پئي وڃي. سنڌ حڪومت سبب صحت ڪارڊ صوبي جي شهرين کي ناهي مليو. ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڪارڊ سنڌ ۾ به ورهايا ويندا.

وڌيڪ پڙهو: