بين الاقوامي

October 28, 2021 8:08 pm

سوڊان ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ برطرف ٿيل وزيراعظم کي آزاد ڪيو ويو آهي

سوڊان ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ معزول ٿيل وزيراعظم عبدالله حمدوڪ وطن واپس پهچي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عبدالله حمدوڪ جي آفيس سندس وطن واپسي جي تصديق ڪئي آهي، ملڪ ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ کيس اڻڄاتل هنڌ تي نظربند ڪيو ويو ۽ ڪابينا جي ڪيترن ئي ميمبرن کي به گرفتار ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اڱاري تي فوجي بغاوت جي عالمي مذمت کان پوء عبدالله حمدوڪ ۽ سندس زال کي آزاد ڪيو ويو.

سوڊان ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ آمريڪا ۽ يورپ امداد بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل عبدالله حمدوڪ کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.

عبدالله حمدوڪ جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته برطرف ٿيل وزيراعظم ۽ سندس گهرواري کي خرطوم ۾ سندن رهائشگاهه تي سخت سيڪيورٽي ۾ رکيو ويو هو جڏهن ته فوجي بغاوت کانپوءِ گرفتار ٿيل ڪابينا ميمبرن کي اڃا تائين نامعلوم هنڌن تي رکيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: