سنڌ

December 7, 2021 2:49 pm

سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پورهيتن جو اجورو 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ خلاف درخواستن  تي اسٽي آرڊر جاري

سپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پورهيتن جو اجورو 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ خلاف درخواستن  تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو،

عدالت پراڻو اجورو 19 هزار رپيا بحال رکي ڇڏيو،عدالت اٽارني جنرل  ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي معاونت لاءِ نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڄاڻايو ته اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ  گهٽ ۾ گهٽ اجورو مقرر ڪرڻ جي طريقئڪار  بابت مدد ڪن.

سنڌ ڪابينا 25 جون تي 25 هزار رپيا گهٽ ۾ گهٽ اجورو مقرر ڪيو،

نجي صنعت جي وڪيل جو موقف آهي ته سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل اجوري  جو طريقئڪار  آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

عدالت ڄاڻايو ته ان حتمي فيصلي ۾ اسٽي آرڊر واپس ورتو ته درخواست گذار سمورن مهينن جو اجورو ادا ڪندا…

نجي صنعت جي وڪيل عدالت کي گذارش ڪئي ته سنڌ ويج بورڊ گهٽ ۾ گهٽ اجورو 19 هزار  ڪرڻ سفارش ڪئي هئي،

وڏي وزير ان جي ابتڙ اجورو 25 هزار رپيا مقرر ڪيو.قانون مطابق وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت وٽ اجورو وڌائڻ جو اختيار ناهي،

باقي صوبن ۾ اجورو 20 هزار  ڪيو ويو، سنڌ جي مقرر ڪيل اجورو صنعت ادا ڪري نٿي سگهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته صوبائي خودمختياري جي ڳالهه به ڪئي ويندي آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنوري 2022  تي مقرر ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: