سنڌ

January 4, 2022 2:49 pm

سنڌ ۾ ڀاڻ جو بحران برقرار هئڻ سبب ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداواري سگهه متاثر ٿيڻ جو خدشو

سنڌ ۾ ڀاڻ جو بحران برقرار هئڻ سبب ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداواري سگهه متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، آبادگار فصل بچائڻ خاطر ۽ ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن.

پير ڳوٺ ۾ آبادگارن عبدالمجيد ڪانهر، محمد عرس ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.

خيرپور ۾ آبادگارن زيد احمد گبول ۽ الطاف ڪانڌڙو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پنجهٽِي چوڪ وٽ ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

مٽياري، هالا، ڀٽ شاهه ۽ دوداپور ۾ به ڀاڻ جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتي، في ٻاچڪو 32 سئو رپيا بليڪ تي وڪرو ٿيڻ سبب آبادگار پريشان ٿي ويا آهن.

ڪشمور ۾ آبادگارن ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

آبادگارن حڪومت کان ڀاڻ جو بحران ختم ڪري بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مناسب مقدار ۾ ڀاڻ نه مليو ته فصل پيداواري سگهه وڃائي ويهندا..

وڌيڪ پڙهو: