اهم خبرون

سنڌ

August 5, 2022 3:10 pm

سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي

ڪراچي: محرم الحرام دوران امن امان کي نظر ۾ رکندي سڄي سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي

ته سنڌ ۾ قلم 144 تحت 6 محرم کان 12 محرم تائين موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي،

جنهن جو اطلاق اڄ رات 12 وڳي کان ٿيندو.

پڌرنامي موجب عورتون، 12 سالن تائين جا ٻار، معذور،

سينيئر شهرين، صحافين ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن کي موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري کان ڇوٽ هوندي.

سنڌ حڪومت پاران ٻڌايو ويو آهي ته موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي اڄ کان لاڳو ٿيندي ۽ پابندي 10 آگسٽ تائين برقرار رهندي.

وڌيڪ پڙهو: