سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهيو، نظر جي حد گهٽجي ٻڙي رهي،مختلف هنڌن تي حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
منظور آباد ڀرسان راڄڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي ڄاڃين سان ڀريل وين موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي،
جنهن جي نتيجي ۾ راڄڙي واسي موٽرسائيڪل سوار نوجوان پيرو کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄاڃي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳوٺاڻن ۽ واٽهڙن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسپتال منتقل ڪيو.
ڪوهيڙي سبب سبي ڀرسان لمجي واري علائقي ۾ ڪڪڙن سان ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي ٿي پئي،
جنهن جي نتيجي ۾ 3 پورهيت فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سبي اسپتال منتقل ڪيو ويو،
فوتي پورهيتن ۾ پير بخش، محمد عظيم ۽ عرفان لهڙي شامل آهن.
ڪوهيڙي سبب خيرپور، ٺٽو، ڄامشورو، سن، ٺڪراٺو، قادرپور، ٺري ميرواهه قاضي احمد، ڀان سيدآباد، منهڙو، نارو، مدئجي، مبارڪپور، فيض گنج ۽ دوداپور سميت ٻين شهرن ۾ نظر جي حد ٻڙي رهي..