سنڌ

October 23, 2021 7:31 pm

سنڌ پوليس ۾ اٺ هزار افغاني پٺاڻن سپاهي طور ڀرتي ڪيا ويا: اڳوڻو ايس ايس پي نثار احمد چنا

مانيٽرنگ ڊيسڪ

سنڌ پوليس جي اڳوڻي ايس ايس پي نثار احمد چنا اوڏيرولال اسٽيشن ۾ چنا برادري سان تعزيت دوران اهم انڪشاف ڪندي چيو ته مون وٽ هڪ ميسيج آهيو ته سنڌ پوليس ۾ افغاني پٺاڻن کي سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو آهي، جنهن تي مون چيو ته بلڪل سنڌ پوليس ۾ اٺ هزار افغاني پٺاڻن کي سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو آهي، مون ان وقت جي ريڪروٽمينٽ ڪميٽي جي اڳواڻ آفتاب پٺاڻ کي سنڌ پوليس ۾ ان وقت جي ٿيل ڀرتين ۾ بي ضابطين جي حوالي سان پڻ خط لکيو هو پر ڪو کڙتيل نه نڪتواٺ هزار افغاني پٺاڻن کان علاوهه ٻين صوبن جي سوين اڻ پڙهيل ماڻهن کي سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي.

سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل افغاني پٺاڻ ۽ ٻيا غيرسنڌي هن وقت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڊيوٽي ڪن پياهڪ پوليس اهلڪار ته اهڙو هو، جنهن کي پنهنجو نالو جاويد به لکڻ ڪونه آيواڳوڻي ايس ايس پي سردار نثار احمد چنا ميڊيا وارن سان ڳالهيون ڪندي اهم انڪشاف ڪيا.

وڌيڪ پڙهو: