سنڌ

April 23, 2022 7:39 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اندر ايمرجنسي صورتحال ۾ صحت جي سهولتن بابت ٻڌڻي ٿي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اندر ايمرجنسي صورتحال ۾ صحت جي سهولتن بابت ٻڌڻي ٿي، صحت کاتي  پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾سنڌ اندر هڪ لک 19 هزار 936 ماڻهن لاءِ رڳو هڪ ايمبولينس موجود هئڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ايمرجنسي صورتحال ۾ صحت جي سهولتن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

صحت واري اسپيشل سيڪريٽري سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي ايمبولينس سروس نه هئڻ بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي رپورٽ پيش ڪئي.

رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو ويو ته پوڻا پنج ڪروڙ جي آبادي لاءِ سنڌ حڪومت وٽ رڳو 399 ايمبولينسز آهن ۽ ڪراچي جي لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ آبادي لاءِ رڳو 60 سرڪاري ايمبولينسز موجود آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته صوبي ۾ 6 مختلف مرحلن ۾ 230 ايمبولينسز جي واڌ ڪئي ويندي، جنهن ۾ پهريون مرحلو هلندڙ سال مئي ۾ شروع ٿيندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ايمرجنسي صورتحال ۾ صحت جي سهولتن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

وڌيڪ پڙهو: