سنڌ

June 20, 2022 7:41 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ فريئر هال سميت قديم آثارن ۾ شامل عمارتن اندر نيون عمارتون اڏڻ واري معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار

سنڌ هاءِ ڪورٽ فريئر هال سميت قديم آثارن ۾ شامل عمارتن اندر نيون عمارتون اڏڻ واري معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت فرييئر هال ۾ تعمير ٿيندڙ گيٽ هڪدم ٽوڙڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي هيريٽيج عمارتن ۾ مداخلت کان به روڪي ڇڏيو.

عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته  قديم آثارن ۽ ثقافتي ورثي کي نقصان پهچائڻ وارو عمل برداشت نٿو ڪري سگهجي.

واضح رهي ته قديم آثار قرار ڏنل عمارت ۾ نئين اڏاوت خلاف ماروي مظهر درخواست داخل ڪرائي هئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته قانون جي مطابق قديم آثار قرار ڏنل عمارتن ۾ نئين اڏاوت نٿي ڪري سگهجي.

 

 

وڌيڪ پڙهو: