سنڌ هاءِ ڪورٽ سينيئرز کي نظر انداز ڪري سينيارٽي لسٽ ۾ 17 هين نمبر واري ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي کي وقتي پراسيڪيوٽر جنرل مقرر ڪرڻ خلاف درخواست تي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل کي 27 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .
عدالت وقتي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته سيڪريٽري قانون طرفان عدالت ۾جواب جمع ڪرايو ويو.
هن جواب ۾ ڄاڻايو ته اڳوڻي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي جج طور مقرري کان پوءِ سنڌ حڪومت عارضي بنيادن تي انتظام ڪيا آهن.
ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منتظر مهدي کي وقتي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.
هن عدالت کي ٻڌايو ته منتظر مهدي جو نالو چار ماڻهن جي فهرست مان چونڊيو ويو، جيڪو سنڌ حڪومت جو اختيار آهي.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته منتظر مهدي جي مقرري جو فيصلو سنڌ ڪابينا 7 مارچ 2025 تي ڪيو هو،انڪري درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي، ان کي رد ڪيو وڃي.
درخواست گذار جي وڪيل ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل سينيارٽي ۾ ٽئين نمبر تي آهي، سينيارٽي ۾ 17هين نمبر تي موجود آفيسر کي وقتي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته هي عارضي ۽ اضافي چارج آهي، درخواست ڪيئن ٻڌڻ جوڳي ٿي سگهي ٿي؟.اسان وڌ ۾ وڌ حڪومت کي هدايت ڪري سگهون ٿا.
عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.




