سنڌ

November 23, 2021 3:04 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس گم ٿيل7 ورهين جي نينگري پريا ڪماري واري معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي 25 نومبر تي طلب ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس روهڙي ڀرسان گم ٿيل 7 ورهين جي نينگري پريا ڪماري واري معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي 25 نومبر تي طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس روهڙي ڀرسان سنگرار واري علائقي مان گم ٿيل 7 ورهين جي پريا ڪماري واري معاملي جو نوٽيس ورتو.

چيف جسٽس آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي 25 نومبر تائين نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو.

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جيڪا پڻ ڪجهه دير ۾ سنگرار پهچي نينگري جي وارثن سان گڏجاڻي ڪندي.

ڪميٽي ۾ ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ شامل آهن، جيڪي پريا ڪماري جي وارثن سان ملاقات ڪري واقعي بابت تفصيل وٺندا .

گذريل ڏينھن آءِ جي سنڌ مشتاق مھر به پريا ڪماري ڌيءَ راج ڪمار جي وارثن سان ملاقات ڪري کين نينگري جي جلد واپسي جي خاطري ڪرائي ھئي .

نينگري پريا ڪماري 9 محرم تي سنگرار مان پر اسرار نموني گم ٿي وئي ھئي..

وڌيڪ پڙهو: