سنڌ

October 20, 2021 5:24 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي ڪريپٽو ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي کان روڪي ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي ڪريپٽو ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي کان روڪي ورتو، ڪريپٽو ڪرنسي تي پابندي خلاف درخواست ٻڌڻي دوران ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ، ايس اي سي پي ۽ ٻيا عملدار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، عدالت ڪريپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪريپٽو ڪرنسي جي ڪاربار تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي.

عدالت ايف آءِ اي کي ڪريپٽو ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي کان روڪيندي ڪريپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ اسٽيٽ بينڪ،  ايس اي سي پي، ناڻي واري وزارت، پي ٽي اي ۽ درخواستگذار شامل هوندا.

وڌيڪ پڙهو: