سنڌ

November 19, 2021 12:14 pm

سنڌ مان بنا مشاورت جي وفاقي آفيسرز جي بدلين کي صوبن جو امن امان ۽ گورننس خراب ڪرڻ جي سازش قرار

سنڌ سرڪار سنڌ مان بنا مشاورت جي وفاقي آفيسرز جي بدلين کي صوبن جو امن امان ۽ گورننس خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو،

سُڌ سماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڊي آءِ جي ليول جي ٻاويهن مان 12 آفيسرز کي بنا مشاورت جي تبديل ڪيو ويو،

وفاق جو قانون سنڌ جي ماڻهن لاءِ “گاڊ فادر” ناهي جو قبول ڪيون، وفاقي حڪومت پنهنجي ايم پي ايز جي چوڻ تي آفيسر تبديل ڪندي ته نظام هلي نه سگهندو،

پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻو پيو ته وڙهنداسين، صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ڪي پي ۽ پنجاب ۾  ڪيترائي من پسند آفيسر 10 سالن کان مقرر ٿيل آهن،

وفاقي حڪومت رڳو سنڌ جي آفيسرز کي نشانو بڻائي رهي آهي..

وڌيڪ پڙهو: