سنڌ

December 3, 2021 11:19 am

سنڌ لوڪل گورنمنٽ ترميم بل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

پي ٽي آءِ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميم بل کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو ،

خرم شير زمان ۽ ٻين پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو،

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت اختيار پاڻ وٽ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، آئين مطابق اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻا هوندا آهن،

بل جي منظوري ڪالعدم قرار ڏني وڃي، حليم عادل شيخ چيو آهي ته پ پ چور دروازي کان بل آڻي رهي آهي، صوبائي حڪومت کان سنڌ جون اسپتالون نه ٿيون هلن،

تعليمي ادارن ۾ جانور ٻڌل آهن، خرم شير زمان چيو ته ڪراچي جي ميئر کي کير جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جيترا اختيار به نه ڏنا ويا آهن..

وڌيڪ پڙهو: