سنڌ رينجرز پاران عمر ڪوٽ ۾ ٿر جي قديمي ۽ روايتي راند اٺن جي ريس جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، مقابلي ۾ سڄي سنڌ مان 50 کان وڌيڪ سوارن حصو ورتو.
عمر ڪوٽ جي پرجي جي ويري ۾ رينجرز جي ميزباني هيٺ اٺڻ جي ڊوڙ جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، تقريب ۾ علائقي جي چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا، پوليس ، رينجرز ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي.
مقابلي ۾ 50 اٺ سوارن شرڪت ڪئي، جن مان 15 ڄڻا فائينل ۾ پهتا ، کٽيندڙن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا.
علائقي واسين ۽ رانديگرن امن امان جي قيام ۽ راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ رينجرز جي ڪردار جي واکاڻ پڻ ڪئي..
رينجرز ترجمان موجب ريس جو مقصد سنڌ جي نوجوانن ۾ صحت مند سرگرميون ۽ راندين کي هٿي وٺرائڻ آهي.