پاڪستان

سنڌ

October 20, 2021 12:53 pm

سنڌ حڪومت ۾ ھڪ وائس چانسلر مقرر ڪرڻ جي به صلاحيت ناھي : سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد  چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ ھڪ وائس چانسلر مقرر ڪرڻ جي به صلاحيت ناھي، سنڌ حڪومت نوان رولز نٿي ٺاھي سگھي، عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي سخت ڪارروائي ٿيندي.

سپريم ڪورٽ ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه  جي وائس چانسلر جي مقرري  واري معاملي تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو.

عدالت ٻن مھينن ۾ وائس چانسلر  کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ وائس چانسلر ڇو مقرر نه ٿي سگھيو آھي؟.

چيف جسٽس چيو ته  بدقسمتي آھي جو سنڌ حڪومت ھڪ ڪاليج ۾ وائس چانسلر مقرر نٿي ڪري سگھي، اصل مسئلو پنھنجو ماڻھو لڳائڻ جو آھي.

سپريم ڪورٽ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر شمس الدين مقرري جي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

عدالت 14 آڪٽوبر 2020 تي پيپلز يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي مقرري جو حڪم ڏيندي  ان مقرري لاءِ پهريان ڏنل اشتهار تحت ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي..

وڌيڪ پڙهو: