سنڌ

April 7, 2023 3:01 pm

سنڌ حڪومت پاران  ڪراچي کان سيوهڻ تائين 263 ڪلوميٽرن جو خصوصي روڊ ٺاهڻ جو منصوبو تيار

سنڌ حڪومت پاران  ڪراچي کان سيوهڻ تائين 263 ڪلوميٽرن جو خصوصي روڊ ٺاهڻ جو منصوبو تيار، وفاقي پي ايس ڊي پي ۾شامل ڪرڻ جي سفارش

منصوبي جي لاڳت 39 ارب 7 ڪروڙ 66 لک رپيا هوندي، في ڪلوميٽر جي تعمير تي 14 ڪروڙ 85 لک رپين جي خرچ جو ڪاٿو

منصوبو حب کان شروع ٿيندو، جيڪو نوراني، دوريجي، ڄام ندا کان ٿيندو جهانگارا سيوهڻ پهچندو

سنڌ حڪومت،وفاقي حڪومت کي سنڌ ۾  ٻوڏ سبب تباهه ٿيل  اسڪولن جي بحالي جي به تجويز ڏئي ڇڏي

سنڌ لاءِ 300 ڊيزل بسون هلائڻ واري منصوبي سميت 572 ارب رپين جا 62 منصوبا شامل ڪرڻ جي به  تجويز ڏني وئي

سڄي سنڌ ۾ اقليتي برادري جي عبادت گاهن جي ٻيهر تعمير، ِ ٻيلن جي بحالي واري رٿا شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي

ٺٽي ضلعي ۾سمنڊ جي تباهي کي روڪڻ لاءِ حفاظتي ڊائڪ ڏيڻ جو منصوبو به تيار، وفاقي پي ايس ڊي پي ۾شامل ڪرڻ جي به سفارش

4 ارب 92 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان لاڙڪاڻو کان لکي تائين ڊبل روڊ تعمير ڪرڻ واري رٿا به سفارش ۾ شامل

 

 

وڌيڪ پڙهو: