سنڌ

January 4, 2022 2:01 pm

سنڌ حڪومت ، عمران خان جي دشمني ۾ سنڌ جي عوام سان به دشمني ڪري رهيا آهن : حليم عادل شيخ

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته حيرت آهي ته سنڌ حڪومت غريب عوام لاءِ صحت ڪارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري رهي آهي،

هنن کي صحت ڪارڊ نه پر ڪرپشن کپي، سنڌ حڪومت جو ترجمان مرتضيٰ وهاب چئي رهيو آهي ته سنڌ جي اسپتالن ۾ علاج مفت ٿي رهيو آهي ڇا اهو پيسو هنن جي ابا جان جي کيسي مان خرچ ٿي رهيو آهي پيسو حڪومت جو آهي،

هي عمران خان جي دشمني جي ڪري سنڌ جي عوام سان به دشمني ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن صحت ڪارڊ ملندو ته پوءِ جنهن خانگي اسپتال ۾ هنن جو علاج ٿيندو آهي اتي غريب جو علاج به ٿيندو ،

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته  ڪالهه هنن جا ڪرتوت لکڻ ويٺاسين ته سمورا ڪاغذ ڪارا ٿي ويا..

وڌيڪ پڙهو: