سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس جلد ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ حڪومت کي قانون ۾ ترميم ڪري ملازمن کي گروپ انشورنس ادا ڪرڻ جو حڪم،
عدالت ڪليم ۾ دير ڪرڻ تي اسٽيٽ لائيف انشورنس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته اڍائي ارب رپين جي رقم رکي به توهان ڪليم تي ادائگيون نه پيا ڪيو،
اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني تي فوجداري ڪيس هلائي سگهجي ٿو، ٻين صوبن ۾ رٽائرمينٽ کي وقت تي ئي رقم ادا ڪئي ويندي آهي،
سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي 65 سال جي عمر تائين انتظار ڪرايو ويندو آهي..