سنڌ

December 2, 2021 1:38 pm

سنڌ اندر لسانيت کي هوا ڏني پئي وڃي، جنهن جو ذميوار مراد علي شاهه آهي : حليم عادل شيخ

سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته وفاق جي هر قدم کي سنڌ تي حملو قرار ڏنو وڃي ٿو،

سنڌ اندر لسانيت کي هوا ڏني پئي وڃي، جنهن جو ذميوار مراد علي شاهه آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ اندر بئنڪ ڌاڙا لڳن پيا

وڏو وزير ڪرپشن لڪائڻ لاءِ روٽيشن پاليسي جو معاملو اٿاري رهيو آهي.

هن چيو ته مڪاني ادارن واري بل تي اپوزيشن سان مشاورت نه ڪئي وئي، جيڪو عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين.

اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جن ملازمن کي آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڏنا،

انهن جي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي..

وڌيڪ پڙهو: