سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ سياري جي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو،
ميرپور ٻرڙو ۽ ڀرپاسي برسات سبب بجليءَ جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
موسميات کاتي مطابق پنجاب جي شهرن لاهور، لوڌران، ڪبير والا، گوجرا، جهانيان ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه سميت ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ ڪوهيڙو گهٽجي ويو.
رپورٽس مطابق بلوچستان ۾ اولهه کان هوائون داخل ٿيڻ بعد ڪوئيٽا، هرنائي، پشين، چمن ۽ ڪوهلو سميت مختلف شهرن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو سلسلو جاري آهي.
موسميات کاتي جي رپورٽ مطابق زيارت ۽ قلعه سيف الله ۾ جبلن تي برفباري کانپوءِ علائقي ۾ سياحن جي رش لڳي وئي، اتر وزيرستان ۾ به وسڪارو جاري آهي..