پاڪستان

January 4, 2022 1:17 pm

سروس معاملي بابت ڪيس ۾ تياري نه ڪري اچڻ تي ڊپٽي اٽارني جنرل کي هٽائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ، سروس معاملي بابت ڪيس ۾ تياري نه ڪري اچڻ تي ڊپٽي اٽارني جنرل کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ آڏو ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ڊپٽي اٽارني جنرل بنا تياري جي پيش ٿيو ۽ عدالت کان مهلت طلب ڪئي،

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سرڪاري وڪيل عدالت جي معاونت ڪرڻ جو اهل ناهي، ڇا اسان ڪيسن جي التوا لاءِ هتي ويٺا آهيون؟

ڇا اهڙي ٻاراڻي انداز ۾ ڊپٽي اٽارني ڪم ڪندو آهي، اٽارني جنرل نئون ڊپٽي اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ جو بندوبست ڪري..

وڌيڪ پڙهو: