پاڪستان

December 9, 2021 3:22 pm

زرداري صاحب جو ميان نواز شريف بابت بيان افسوسناڪ آهي : شهباز شريف

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته زرداري صاحب جو ميان نواز شريف بابت بيان افسوسناڪ آهي.

ٽوئٽ ڪندي شهباز شريف چيو ته زرداري صاحب ڄاڻي ٿو ته ميان نواز شريف کي ڪهڙي حالتن ۾ پرڏيهه وڃڻو پيو.

هن چيو ته ميان نواز شريف جي پاڪستان سان وابستگي سدائين ناقابل ترديد رهي آهي.

شهباز شريف چيو ته اسان کي اهڙي قسم جي بيانن کان پاسو ڪري ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪئي هئي ته هي ماڻهو هتي مرڻ به پسند نٿا ڪن..

وڌيڪ پڙهو: