پاڪستان

December 20, 2021 11:55 am

رڳو عمران خان ئي آهي، جيڪو سياسي مفادن کي پٺتي رکي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ سوچيندو آهي : فواد چوڌري

اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن بعد هيٺين سطح تي اختيار منتقل ٿي رهيا آهن،

حڪومت پهريون ڀيرو صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون آهن.

ٽوئٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون ٻن حوالن کان اهم آهن،

پهريون ڀيرو سڌي ريت تعلقي جي سطح تي ووٽ سان چونڊيل نمائندن کي اختيار منتقل ٿي رهيا آهن ، ٻيو پهريون ڀيرو حڪومت شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرايون آهن.

هن چيو ته رڳو عمران خان ئي آهي، جيڪو سياسي مفادن کي پٺتي رکي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ سوچيندو آهي، نه ته ڪيترو آسان آهي، وڏي وزير جي صورت ۾ ڊڪٽيٽر رکو.

فواد چوڌري چيو ته ڊڪٽيٽر وڏو وزير رکڻ ن ليگ ۽ پ پ جي روايت آهي، سنڌ جو عوام اڄ به ڊڪٽيٽر جهڙي رويو جو شڪار آهي، پنجاب ۾به بااختيار نظام قائم ٿيڻ وڃي پيو..

وڌيڪ پڙهو: