پاڪستان

November 9, 2021 2:10 pm

رياست اسپيشل پرسنز جي بهتري لاءِ پنهجن بنيادي فرض کان منهن موڙي رهي آهي : لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور هاءِ ڪورٽ اکين کان محروم  شهرين کي نوڪري ڏيڻ بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ اکين جي روشني کان محروم ماڻهن کي ملازمت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت پڇيو ته ٽيڪنالوجي جي دور ۾ رياست اکين کان محروم شهرين لاءِ سهولتون ڇو فراهم نٿي ڪري سگهي؟

عدالت مطابق ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪرڻ باوجود اکين کان محروم هجڻ جي بنياد تي شهري کي  ٽيچر جي نوڪري نه ڏني وئي.

عدالت جو چوڻ هو ته سرڪاري وڪيل مطابق ٻڌڻ جي سگهه ۽ اکين جي نور کا محروم شهري  ٽيچنگ جي عهدي جي اهل ناهن.

حڪومت جي وڪيل مطابق اهڙا ماڻهو بليڪ بورڊ جو استعمال، امتحان جي چيڪنگ ۽ هوم ورڪ وغيره چيڪ ڪري نٿا سگهن.

عدالت مطابق رياست اسپيشل پرسنز جي بهتري لاءِ پنهجن بنيادي فرض کان منهن موڙي رهي آهي.

پنجاب حڪومت جي اکين کان محروم شهري  کي نوڪري نه ڏيڻ  جي خلاف اپيل کي رد ڪجي ٿو..

وڌيڪ پڙهو: