شوبز

November 2, 2021 3:57 pm

رنبير ڪپور ۽ عاليه بهٽ ۾ ٿيندڙ شادي جي نئين تاريخ سامهون اچي وئي

مشهور بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ عاليه بهٽ جي شادي جي نئين تاريخ سامهون اچي وئي آهي. بالي ووڊ ۾ هن وقت ڪترينه ڪيف ۽ وڪي ڪوشل کان پوءِ رنبير ۽ عاليه جي شادي جا چرچا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته ٻئي هن سال ڊسمبر ۾ شادي ڪري رهيا آهن پر ٻنهي سان جڙيل ويجهن ذريعن موجب رنبير ۽ عاليه ڊسمبر ۾ شادي نٿا ڪرڻ چاهين هنن جي شادي هن سال نه پر ايندڙ سال ٿيندي.

بالي ووڊ جي رپورٽن موجب رنبير ۽ عاليه جي شادي ايندڙ سال فيبروري يا مئي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. شادي ۾ دير جو سبب ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر آهي. جڏهن ته رنبير ۽ عاليه چاهين ٿا ته انهن جي شادي ڌام ڌوم سان ٿيڻ گهرجي ۽ ان سبب هي ٻئي ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن.

وڌيڪ پڙهو: