پاڪستان

December 3, 2021 2:08 pm

راڻا شميم جو لنڊن مان اصل حلفي بيان گهرائڻ لاءِ اٽارني جنرل آفيس جو پاڪستان هاءِ ڪميشن کي خط

گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جو لنڊن مان اصل حلفي بيان گهرائڻ لاءِ اٽارني جنرل آفيس، پاڪستان هاءِ ڪميشن کي خط لکيو آهي،

اٽارني جنرل آفيس پاران پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي خط اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ لکيو ويو،

خط جي ڪاپي راڻا شميم جي ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ لطيف آفريدي کي موڪلي ڇڏيي،

خط جي ڪاپي پرڏيهي وزارت جي  اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ کي به موڪلي وئي،

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اصل بيان پرڏيهي وزارت ذريعي جلد عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي،

حلفي بيان جي ڪاپي ڪميشن جي نمائندي جي سامهون صحيح ڪري محفوظ ڪئي وڃي..

وڌيڪ پڙهو: