پاڪستان

January 7, 2022 2:56 pm

راول ڍنڍ جي ڪناري تي نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت غير قانوني قرار

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راول ڍنڍ جي ڪناري تي نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت غير قانوني قرار ڏئي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس اطهر من الله شهري جي درخواست تي محفوط فيصلو ٻڌائيندي نيوي سيلنگ ڪلب کي ٽن هفتن ۾ ڪيرائڻ جو حڪم ڏيندي عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته نيوي جو اختيار ناهي ته ڪنهن به قسم جي ريئل اسٽيٽ جي منصوبن ۾ شامل ٿئي،سي ڊي اي کي اختيار نه هو ته اها نيول فارمز کي اين او سي جاري ڪري ها.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ۽ ٻين ذميدارن  جي خلاف فوجداري ۽ مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي  ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت  فيصلي ۾ چيو ته پاڪ فوج  جو اهم اسٽيٽس آهي، جنهن جو مينڊيٽ آئين ۾ ٻڌايو ويو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  حڪم ۾ ڄاڻايو ته نيوي جو اختيار ناهي ته ريئل اسٽيٽ وينجر ڪري، ريئل اسٽيٽ بزنس لاءِ اداري جونالو استعمال ڪري نٿو سگهجي،

پاڪستان نيوي نيشنل پارڪ جي زمين تي قبضو ڪيو، انڪري سيلنگ ڪلب غير قانوني آهي.

وڌيڪ پڙهو: