سنڌ

November 26, 2021 1:00 pm

دفاعي زمين تان ڪمرشل ۽ ٻيون اڏاوتون فوري ختم ڪرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ دفاعي زمين تان ڪمرشل ۽ ٻيون اڏاوتون فوري ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيڪريٽري دفاع به عدالت آڏو پيش،

چيف جسٽس سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ڪينٽونمينٽ زمين ڇا هوندي آهي؟ سيڪريٽري وراڻيو ته فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ زمين هوندي آهي،

ٽنهي فوجن جي سربراهن به زمين ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي،

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته سينيما ۽ ڪمرشل سرگرميون ڊفينس جي دائري ۾ اچن ٿيون؟،

سي او ڊي ۽ ايئر بيس کي شادي هال طور استعمال ڪيو پيو وڃي، مسرور ايئر بيس، فيصل ۽ ڪورنگي کي ڪمرشل ڪيو ويو آهي،

بچاءَ واري سيڪريٽري پاران عدالت کي مستقبل ۾ دفاعي مقصدن لاءِ ڏنل زمين هائوسنگ ۽ ڪمرشل لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري،

عدالت پاران سيڪريٽري کي اڱاري ڏينهن رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم..

وڌيڪ پڙهو: