پاڪستان

December 19, 2021 11:23 am

خيبر پختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

خيبر پختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري،

صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ بنا ڪنهن ساهيءَ جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي،

قبائلي ضلعن جو عوام اڄ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي مڪاني ادارن جا نمائندا چونڊيندو، تعلقي ميئر ۽ چيئرمين  جي سيٽن تي 689 اميدوار آمهون سامهون،

جنرل ڪونسلرز جي 7 هزار 146 سيٽن تي 19 هزار 282 اميدوارن ۾ مقابلو،

مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 26 لک 68 هزار ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن،

بنو جي تعلقي بڪاخيل ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب چونڊ ملتوي، ڊي آءِ خان  ميئر جي اليڪشن اي اين پي  اميدوار جي قتل سبب  نه ٿي سگهي..

وڌيڪ پڙهو: