ڪاروبار

November 16, 2021 4:39 pm

خوراڪ کاتي سان معاملا حل، فلور ملز ايسوسيئيشن هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو

لاهور: خوراڪ کاتي ۽ فلور ملز وچ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي تي تڪرار ختم ٿي ويو.

فوڊ کاتي سان معاملو طئي ٿيڻ بعد فلور ملز ايسوسي ايشن پنجاب ۾ اڄ کان هڙتال جو سڏ ملتوي ڪري ڇڏيو.

فلور ملز ايسوسي ايشن پنجاب جي چيئرمين عاصم رضا چيو آهي ته خوراڪ کاتي ٻين ضلعن مان 25 سيڪڙو ڪڻڪ جو ڪوٽا کڻڻ جو شرط ختم ڪرڻ جو مطالبو قبول ڪيو آهي، ان ڪري اڱاري جي هڙتال جو سڏ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڊائريڪٽر فوڊ کي گهرجي ته واعدي موجب ڪابينا کان فوري منظوري وٺي ۽ ايندڙ ڪارروائي لاءِ اڄ ٻيهر اجلاس منعقد ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: