سنڌ

December 15, 2021 1:15 pm

خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب 13 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ

خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب نوشهروفيروز ۾ 13 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ خراب ٿي رهي آهي ۽ اٽو به سرڪاري اگهه کان 21 رپيا مهانگو وڪرو ٿيڻ جي ڪري عوام سخت پريشان آهين.

نوشهروفيروز ۾ ڪڻڪ گهوٻين جا ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ جاچ ته شروع ڪئي وئي پر جوابدارن کي سزائون ملڻ بدران ڀوڳڻو عوام کي پئجي رهيو آهي.

نوشهروفيروز ضلعي ۾ 13 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ خراب ٿي رهي آهي پر عوام مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي.

ڊي ايف سي نوشهروفيروز حاڪم علي مهر اٽو سرڪاري اگهه کان 21 رپيا مهانگو وڪرو ٿيڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته شهري خوراڪ کاتي پاران لڳايل اسٽالز تان اٽو خريد ڪري سگهن ٿا.

هن چيو ته ڪجهه سال اڳ خريد ڪيل ڪڻڪ خراب ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو اها ڪڻڪ هو نيب ڪيسن جي ڪري هو اها نه ڪڍي سگهيا.

شهرين ڊي ايف سي نوشهروفيروز کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته شهر ۾ ڪوبه اسٽال ناهي لڳايو ويو، هو مهانگو اٽو وٺڻ تي مجبور آهن، اختياريون نوٽيس وٺن.

فوڊ ايمپلائيز فيڊريشن اڳواڻن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي منع باوجود ضلعي اندر 30 سينٽرز تي نيب زده فوڊ انسپيڪٽرز مقرر ٿيل آهن.

هنن چيو ته فوڊ عملدارن ملي ڀڳت ڪري ڪڻڪ جون لکين ٻوريون غائب ڪري ڇڏيون آهن، مهانگو اٽو وڪرو ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ اهو آهي..

وڌيڪ پڙهو: