پاڪستان

January 4, 2022 2:28 pm

خواجا آصف جي خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجا آصف جي خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو آهي.

عمران خان جي بيان تي آڏي پڇا جو حق ختم ڪرڻ جي سيشن ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي.

خواجا آصف جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج عمران خان جي بيان تي آڏي پڇا جو حق ختم ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس اطهر من الله معلوم ڪيو ته عزت کي ڇيهو رسائڻ جو هي ڪيس ڪڏهن کان التوا هيٺ آهي؟ جنهن تي خواجا آصف جي وڪيل ٻڌايو ته هي ڪيس 2012 کان هلندڙ آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هن عدالت هدايت ڏني آهي ته عزت کي ڇيهو رسائڻ جا ڪيس جلد اڪلايا وڃن، ڪيسن التوا جا ذميوار ڪير آهن؟ ڇا توهان چئو ٿا ته التوا عمران خان پاران آهي.

خواجا آصف جي وڪيل چيو ته ٻنهي ڌرين پاران التوا ڪئي وئي، جنهن وقت سوال پڇيا ويا، خواجا آصف 6 مهينن تائين جيل ۾ هو،عمران خان شروع ۾ ڪيس جي پيروي نه ڪئي.

عدالت سيشن ڪورٽ کي ڪيس هلائڻ کان روڪيندي ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: