پاڪستان

تازه خبرون

November 3, 2021 6:39 pm

حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرز وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، پيٽرول بحران جو خطرو ٽري ويو

حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ پيٽرول پمپس جي بندش وارو خطرو ٽري ويو آهي.

پيٽروليم واري وزارت اسلام آباد ۾ حڪومت طرفان پيٽروليم واري وزير حماد اظهر، سيڪريٽري، ڊي جي آئل ۽ چيئرمين اوگرا پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي وفد سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون.

6 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڳالهين ۾ حڪومت پيٽروليم ڊيلرز جا 6 سيڪڙو تائين ڊيلرز مارجن وڌائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. ڊيلرز مارجن وڌائڻ واري فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پيٽروليم واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي جيڪا ڪابينه ۽ اي سي سي سان ڊيلرز مارجن ۾ اضافي جي منظوري وٺي ڊيلرز کي آگاهي ڏيندي.

ڊيلرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن جو چوڻ هو ته عارضي طور تي هڙتال جو سڏ واپس ورتو آهي. پنج نومبر تي هاڻ هڙتال نه ٿيندي پر جيڪڏهن حڪومت 17 نومبر تائين پنهنجي واعدي تي عمل نه ڪرايو ته 20 نومبر کان سموري ملڪ ۾ اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ هڙتال ڪنداسين.

وڌيڪ پڙهو: