پاڪستان

تازه خبرون

November 15, 2021 11:48 am

حڪومت کي ٽف ٽائيم ڪيئن ڏجي؟

حڪومت کي ٽف ٽائيم ڪيئن ڏجي؟ اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم اڄ ورچوئل اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جَي شام 3 وڳي ٿيندڙ اجلاس ۾ ايندڙ حڪمت عملي، چونڊ سڌارن، ووٽنگ مشين ۽ نيب آرڊيننس تي مشاورت ٿيندي.

پي ڊي ايم ترجمان موجب اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان، نواز شريف، شهباز شريف، سردار اختر مينگل ۽ ٻيا اڳواڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا.

ٻئي طرف متحده اپوزيشن جو چوڻ آهي ته حڪومت نيب چيئرمين جي مقرري واري معاملي ۾ آئين جي ڀڃڪڙي چاهي ٿي، اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شخصي بنيادن تي قانونسازي جي معاملي ۾ حڪومت جو ساٿ نٿو ڏئي سگهجي..

وڌيڪ پڙهو: