سنڌ

December 2, 2021 2:12 pm

حڪومت کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي : خورشيد شاھ

پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ هر شيءِ ناياب ٿي وئي آهي پر حڪومت کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي.

پنو عاقل جي ڪچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته مهانگائي ۽ روزگار سبب ماڻهو پريشان آهن،

اڳ ۾ گيس، کنڊ ۽ اٽو ناياب هو، هاڻي ڀاڻ به مهانگو ٿي ويو آهي.

هن چيو ته ماڻهو مهانگائي جهڙي عذاب ۾ مبتلا آهن، مهانگائي ايتري آهي جو تصور ڪرڻ ۾ به گناهه ۾ شامل ٿئي ٿو.

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته ڀاڻ مهانگو ٿيڻ سبب آبادگار طبقو سخت پريشان آهي،

پيپلزپارٽي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي پر حڪومت زراعت جي بهتري لاءِ ڪو ڌيان ناهي ڏنو..

وڌيڪ پڙهو: