KTN News

حڪومت ٽي ايل پي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي۔

وفاقي حڪومت ٽي ايل پي (تحريڪِ لبّيڪ پاڪستان) تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ضابطي جي ڪارروائي لاءِ وزارتِ داخلا کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن۔

اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ متفقه طور تي ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي۔

جاري ڪيل اعلاميي موجب، وفاقي ڪابينا انسداد دهشتگردي ايڪٽ تحت ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي۔

اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت جي درخواست تي وزارت داخلا سمري وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪئي ۽ ڪابينا کي ٽي ايل پي جي ملڪ ۾ ٿيندڙ پرتشدد ۽ دهشتگرداڻين سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي۔

اعلاميي موجب، اجلاس ۾ حڪومتِ پنجاب جا اعلى آفيسر وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي۔

ڪابينا جي اعلاميي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2021ع ۾ به ان وقت جي حڪومت ٽي ايل پي تي پابندي لڳائي هئي، جيڪا ڇهن مهينن بعد هن شرط تي هٽائي وئي هئي ته مستقبل ۾ ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي بي امني يا پرتشدد ڪارروائي نه ڪئي ويندي۔

اعلاميي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته تنظيم تي پابندي جو هڪ سبب 2021ع ۾ ڏنل ضمانتن تان انحراف به آهي، ڇو⁠تہ ماضي ۾ ٽي ايل پي جي پرتشدد جلسن ۽ ريليز دوران سيڪيورٽي اهلڪار ۽ بيگناهه شهري شهيد ٿي چڪا آهن۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube