پاڪستان

January 11, 2022 1:04 pm

حڪومت ٻڌائي ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي پاڪستان جو وائسراءِ ڇو مقرر ڪري رهي آهي؟ شاهد خاقان عباسي

ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ٻڌائي ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي پاڪستان جو وائسراءِ ڇو مقرر ڪري رهي آهي؟

قانون ۾ اجازت ڏني پئي وڃي ته حڪومت ۽ پارليامينٽ کان مٿانهون شخص ٻٽي شهريت رکندڙ هجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان چيو ته ملڪ جي مالي ۽ معاشي پاليسي تي سڀ کان وڌيڪ اثر رکندڙ شخص پرڏيهي شهريت وارو هوندو، وضاحت سان چوان ٿو ته اهي قانون سڀاڻي هڪ آرڊيننس جي مار هوندا.

هن چيو ته اسلام آباد ۾ کان ڪجهه پنڌ تي برفباري ۾ ڦاسي 22 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، پر ڪير به ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان عباسي وزيراعظم، وفاقي وزيرن، صلاحڪارن ۽ نيب چيئرمين کي چئلينج ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان ڪا ڪرپشن ڪئي آهي ته ثابت ڪري ڏيکارين..

وڌيڪ پڙهو: